آزاد ڪشمير اليڪشن: 4 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو شيڊول جاري

باغ آزاد ڪشمير(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 4 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.

آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن تڪ ايل 16 اوڀر باغ جي پولنگ اسٽيشنز تي ٻهر پولنگ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پولنگ اسٽيشن نمبر 135،134،42 ۽ 136 ۾ ٻيهر پولنگ 29 جولاءِ تي ٿيندي جيڪا صبح 8 وڳي شروع ٿي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.

اليڪشن ڪميشن موجب هڪ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ ايجنٽس چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته 3 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ بيگ ۽ ٻيون سامان کسي ساڙيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.