سپريم ڪورٽ طرفان ماسترياڻي جي پگهار روڪڻ تي تعليم کاتي جي آفيسر تي ڏنڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ماسترياڻي قرت العين جي پگهار روڪڻ تي بلوچستان جي تعليم واري کاتي جي آفيسر تي 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ عورت ٽيچر جي پگهار روڪڻ جي لاءِ بلوچستان جي تعليم کاتي جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ ماسترياڻي قرت العين جي پگهار روڪيندڙ آفيسر تي 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو.

عدالت 7 سالن تائين ماسترياڻي قرت العين جي پگهار روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس اعجاز الاحسن ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان کي چيو ته ايترو عرصو ماسترياڻي جي پگهار ڪيئن ٿا روڪي سگهو، 2014ع کان ۾ بنا معطل ڪيل قرت العين جي پگهار ڪيئن بند ڪئي وئي، قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪنهن بلوچستان حڪومت جا هٿ ٻڌي رکيا آهن.

سپريم ڪورٽ بلوچستان حڪومت کي ماسترياڻي جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف بلوچستان حڪومت جي اپيل اُڪلائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.