سنڌ ڪورونا جي نشاني تي، هاڪاري ڪيسن جي شرح بلند ترين رڪارڊ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 25 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جون 7783 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1932 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 24.82 سيڪڙو رهي.

ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.87 مان وڌي 3.40 ٿي وئي آهي.

ترجمان موجب سنڌ ۾ مجموعي طور ڪورونا جي شرح هڪ هفتي ۾ بلند ترين 12.74 سيڪڙو رهي، صوبي ۾ 18112 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2308 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 7 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.