ن ليگ چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، تحريڪ جو اعلان

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي ڌاڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

شاهد خاقان عباسي، راجا فاروق حيدر ۽ احسن اقبال مظفر آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. راجا فاروق حيدر چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن جي نتيجن کي ردڪيون ٿا، ان جي خلاف آزاد ڪشمير ۽ پرڏيهه ۾ تحريڪ هلائينداسين ۽ دنيا جي آڏو عمران خان جو اصل چهر ڏيکارينداسين، اليڪشن ۾ ماڻهن کي حق راءِ کان محروم رکيو ويو، ڪشمير اليڪشن ۾ پيسو هليو ۽ پيسا ڏئي ماڻهن جا ووٽ خريديا ويا، آزاد ڪشمير جي حقن کي ڦريو ويو ۽ ڌاڙو هنيو ويو، جمعي تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿينداسين ۽ دنيا کي ٻڌائينداسين ته ڪيئن اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مسلم ليگ ن جي ترجمان جو آزاد ڪشمير اليڪشن بابت اهم بيان

احسن اقبال چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڏلي تي هاڻ رڳو احتجاج ناهي ڪرڻو ان رسم کي ختم ڪرڻو آهي، اليڪشن ۾ عوا جو مينڊيٽ چورايو ويو، اِها عالمي سازش آهي جنهن جو مقصد ڪشمير جي ڌرتي تي پاڪستان کان فاصلي جا ٻج ڇٽڻ ۽ پاڪستان مخالف رجحانن کي هٿي ڏيڻ آهي، جيئن ان خطي ۾ آزاد ڪشميري رياست قائم ٿئي جيڪا عالمي سامراج جي ايجنڊا جو حصو هجي، انهيءَ ايجنڊا جي حامين هن اليڪشن ۾ پيسو ڏنو، جيئن ڪشميري عوام ۾ پاڪستان جي خلاف نفرت کي هٿي ڏني وڃي، پاڻ عمران خان اِها ڳالهه چئي ڇڏي ته جيڪڏهن ڪشميري پاڪستان سان الحاق ڪندا تڏهن به ان ۾ هنن کي پاڪستان کان عليحدگي جو هڪ ٻيو موقعو ڏيندس، اِهو بيان ڪشميرين جي قرباني سان نه رڳو مذاق آهي، پر 1947ع جي ورڇ جي اسڪيم کي ٻيهر کولڻ جي سنگين سازش ۽ پاڪستان جي بنيادن تي حملو آهي، جنهن سان ملڪ جي بقا جا بنياد ملي سگهن ٿا.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو، 25 جولاءِ تي ڪشمير ۾ جمهوريت کي شڪست ملي، اليڪشن جي عمل ۾ عوامي رائي جي ڪا به حيثيت ناهي، ڪشمير ۾ ڊمي وزير اعظم آڻي صوبو بڻائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان هن اليڪشن کي ڪشمير جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو سمجهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.