مانجهند: ڳوٺ سرائي سولنگي ۾روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف احتجاج

مانجهند ڀرسان  ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ انڊس هاء جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار هئڻ خلاف ڳوٺاڻن  پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون،ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ انور مڱڻھار عبدالرئوف سولنگي مجيب سولنگي غلام شبير ڇڇر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڊس هاء وي جو ڪم ٻن سالن کان رولڙي جو شڪار آھي جنهن سبب حادثا معمول بڻجي ويا آھن،  سندن ڳوٺ وٽان اکڙيل روڊ کي ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آھي جنهن سبب گهرن ڏانهن ڌوڙ اچڻ سبب بيماريون ڦھلجي ويون آھن پر متبادل رستي تي ڇڻڪار نه ٿو ڪيو وڃي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انڊس هاء وي جو بند ٿيل ڪم جلد شروع ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.