مٺي:ٿر ۾نوجوان تي تشدد ڪندڙ شخص جي وڊيو وائرل،سخت نوٽيس ورتو ويو

مٺي: ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڊرائيوري ڪندڙ عبدالسلام ابودائود پاران هڪ هندو نينگر مُڪيش ڀيل کي گلي مان پڪڙي تشدد  ڪري گاريون ڏيڻ واري رڪارڊ ڪيل وڊيو وائرل  ٿي وئي، وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جو ڊرائيور هندو نينگر کي پڪڙي زبردستي مذهب جي توهين ڪرڻ تي زور ڀريندي نظر اچي رهيو آهي،اهڙي وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد ٿر ۾ رهندڙ هندو برادري ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو ، متاثر نينگر مڪيش ڀيل  ٻڌايو ته هو ميوا ڪالوني مٺي جو رهواسي آهي،اُتان سڌو اسلام ڪوٽ واري روڊ تي وڃي رهيو ته هن ڊرائيور اور ٽيڪ ڪندي کيس پڪڙي تشدد ڪيو ۽ پوءِ گارگند ڪيو بعد ۾ هن پاڻ وڊيوز رڪارڊ ڪئي، هي واقعو مهينو اڳ جو آهي،مونکي خوف ڏياريو ويو ته جيڪڏهن ڳالھ ڪنهن سان ڪئي ته حشر بُرو ٿيندو،اڄ وڊيوز وائرل ٿي آهي تڏهن ڳالهه ڪئي آهي،ٻئي پاسي معاملي جو پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي نوٽيس وٺندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي واقعي بابت آگاھي ڏني،جنهن تي وڏي وزير نوٽيس وٺندي جوابدار خلاف ڪاروائي جي يقين ڌياني ڪرائيندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي سخت ڪاروائي جي هدايت ڪئي، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو ته ٿر مذھبي رواداري جو اعلىٰ مثال آھي،ٿر جھڙي امن پسند علائقي ۾ مذھبي فساد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي بخش نه ڪيو ويندو،انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، اهڙن عنصرن تي ڪيس داخل ڪري سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.