عدالت مان پيشيءَ تان موٽندي 4 ڄڻا قتل

 

منڊي بهاوالدين (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاوالدين ۾ عدالت ۾ پيشي تان موٽندي 4 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعو چوٽ ڌيران پل ڀرسان پيش آيو، جتي جوابدارن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس ٻڌايو ته مقتول عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا ته کين نشانو بڻايو ويو، واقعي پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.