پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 39 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 6.6 ريڪارڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 39 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 6.6 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 49 هزار 412 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 3262 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 39 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.6 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 23 هزار 87 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 10 لک 11 هزار 708 تائين وڃي پهتا آهن.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1123 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 28 هزار 722 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 59899 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.