سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، شهرين جي غير ضروري طور نڪرڻ تي پابندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ شام جو ڪير به غير ضروري طور ٻاهر نه نڪري، خبر پئي آهي ته ٽيوشن سينٽرز هلي رهيا آهن ان ڪري شهر ۾ سمورن ٽيوشن سينٽرز کي فوري بند ڪرايو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ٻيهر جمعي جي ڏينهن ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺنداسين جيڪڏهن صورتحال  بهتر نه ٿي ته وڌيڪ بندوبست ڪنداسين.

سنڌ جي وڏي وزير ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ اويس شاهه تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪري صورتحال کان آگاهه ڪندي جڏهن ته ڪميٽي سياسي پارٽين سان به ڳالهيون ڪندي.

وڏي وزير چيو ته ڪوويڊ جي صورتحال تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.