آزاد ڪشمير حڪومت ۾ شفافيت ۽ احتساب قائم ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ)آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ڪاميابي تي وزيراعظم عمران خان ڪشميري   عوام جا ٿورا مڃيا آهن.وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف تي اعتماد ڪرڻ تي ڪشمير جي عوام جو ٿورائتو آهيان، چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ سڀني اميدوارن کي مبارڪون  پيش ڪيان ٿو، ڪشميري عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ احساس ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرام تي ڌيان ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۾ احتساب ۽ شفافيت جي خاطري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ڪشمير جو سفير هجڻ جي صورت ۾ دنيا جي عالمي فورمز تي ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندو رهندس.03

بارود رکڻ جي ڪيس ۾ ثبوت نه هجڻ جي ڪري جوابدار آزاد

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت بارود رکڻ واري ٻه ڪيس ۾ ثبوت نه هجڻ جي ڪري جوابدار اياز ۽ اختر کي آزاد ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .جوابدارن کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .جوابدارن وٺڻ هينڊ گرينڊ مليا هئا ،ڪيس نومبر 2020ع ۾ داخل ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.