مڪاني چونڊ ۽ ڪراچي ايڊمنسٽريٽر بابت پي ٽي آءِ جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ مڪاني کاتي ۾ چونڊيون ڪرائڻ ۽ غير سياسي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقررڪرڻ جي حوالي سان تحريڪ  انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان ۽ ٻين درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .درخواست گذارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ۾ فوري طور تي مڪاني کاتي ۾ چونڊيون ڪرايون وڃن .وڌيڪ چيو ته سنڌ۾ مڪاني کاتي جو سيٽ اپ آگسٽ 2020ع ۾ ختم ٿي ويو آهي .سال گذري ويو آهي پر چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪراچي جو ايڊمنسٽر يٽر به هڪ سياسي ماڻهو کي رکيو ويو آهي جڏهن ته ان پوسٽ تي اڻ ڌرئي ماڻهو کي رکيو وڃي .عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته 13سال کان پ پ ڦرلٽ ڪري رهي آهي .هي بينظير ۽ ڀٽو جي پارٽي نه بلڪ زرداري جي پارٽي آهي .هن چيو ته سنڌجو وڏو وزير هڪ نااهل آهي .ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر هڪ سياسي ماڻهو کي رکيو ويو آهي . پ پ کي خوف آهي مڪاني چونڊيون ڪرائڻ سان پي ٽي آءِ کي فتع نه ملي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.