ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت 100 اهلڪارن تي تشدد ۽ تذليل جو الزام، عدالت ۾ درخواست داخل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي جي عدالت ۾ مقتول دودو ڀيل جي قتل خلاف وارثن جي  اسلام ڪوٽ ۾ هنيل پرامن ڌرڻي تي پوليس تشدد،گرفتارين ۽ گرفتار اڳواڻن تي تشدد سان گڏ ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل ڪرڻ  واريون وڍيوز رڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ ايس ايس پي،ڊي ايس پيز،سي آءِ اي انچارچ ۽ 5 ايس ايچ اوز سميت هڪ سئو اهلڪارن مٿان ڪيس لاءِ درخواست داخل ڪرائي ويئي آھي، ان ڏس ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪرڻ دوران گرفتار ڪيل اڳواڻ لجپت سوراڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ 22 اي تحت داخل ڪرايل درخواست ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي کي مُک جوابدار ڄاڻايو ويو آھي ۽ ڊي ايس پي هارون رشيد سرائي،ذوالفقار حيدري،ايس ايڇ او مبارڪ راڄڙ،ايس ايڇ او قربان راڄڙ،ايس ايڇ او ماجد قائمخاني،ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي ۽ ايس ايڇ او امين جوڻيجو سميت هڪ سئو کن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گذارش ڪئي آھي،درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سي آءِ اي انچارج ذوالفقار حيدري موڪل تي هجڻ باوجود ڌرڻي تي ڪاھ ڪري بيگناھ ڪارروائي ڪئي ۽ اسان کي سي آءِ اي سينٽر کڻي ويو،جتي ايس ايس پي جي حڪم تي پي آر او نياز ڍاٽي،ماجد قائمخاني ۽ ٻين اسان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو،هن ڄاڻايو آھي ته پوليس اسلام ڪوٽ ڌرڻي تي بنا جواز چڙھائي ڪري فائرنگ ۽ شيلنگ ڪرڻ سان گڏ وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ اسانکي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر مٺي آندو جتي اسانکي ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل ڪئي ويئي ۽ ايس ايس پي جي موجودگي ۾ اسانجي تذليل واريون وڍيوز رڪارڊ ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون،پوليس جي ڪيل وحشيانيت قانوني طور ڏوھ آھي،جنهن جو پوليس مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي،عدالت سڳوري ايس ايس پي سميت درخواست ۾ جوابدار ڄاڻايل سمورن پوليس آفيسرن کان سڀاڻي جواب طلب ڪيو آھي ۽ کين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن،اهڙي درخواست داخل ڪرائڻ بعد لجپت سوراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دودو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ سان گڏ پرامن وارثن مٿان پوليس گردي ڪندڙ ايس ايس پي سردار حسن نيازي ۽ ايس ايچ اوز ۽ انهن سمورن پوليس اهڪارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيندايسين جن دودو ڀيل جي وارثن تي وحشيانيت برپا ڪئي ۽ کين تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.