دودي جو موت پوليس حراست دوران ٿيو آهي:وڪيل امداد علي انڙ

مٺي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي وڪيلن دودي جي موت جو ذميوار پوليس کي قرار ڏيئي ڇڏيو،جوابدارن جي وڪيلن موجب ته دودو ڀيل جو  موت پوليس حراست ۾ ٿيو،پوليس ئي ذميوار آهي،قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي وڪيلن سمورو وزن  ٿرپارڪر پوليس مٿان ڪيرائي ڇڏيو،ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان قتل ٿيل پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس جي مک جوابدارن ڪمانڊوز ڪاشف رضا ۽ گارڊ قمر عباس جي وڪيل امداد علي انڙ عدالت کي دليل ڏيندي چيو ته ڪاشف رضا ۽ قمر عباس تي الزام بي بنياد آهن،جن کي دودو قتل ڪيس ۾ هروڀرو ڦاسايو ويو آهي،وڪيل امداد علي انڙ چيو ته دودو ڀيل جو موت پوليس حراست دوران ٿيو آهي،ڪاشف ڪمانڊو جي تشدد ۾ نه،الزام به پوليس تي آهي،پوليس ئي ذميوار آهي،دودو ڀيل جي قتل واقعي جي ايف آءِ آر به دير سان ڪاٽي وئي آهي،ڪاشف رضا کي ڪيس ۾ بڇ ڪندڙ ڄاڻايو ويو آهي،اُنهي ڪري ڪاشف ۽ قمر کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي،جوابدارن جي وڪيلن چيو ته عدالت مان انصاف جي اُميد آهي،ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.