پوليس گهربل رپورٽ جمع نه ڪرائي انڪري مهلت ورتي: وڪيل ڀڳوانداس

مٺي:دودي ڀيل قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ ۽ وڪيل پينل جي اڳواڻ وڪيل ڀڳوان داس ڀيل چيو ته دودي جي قتل ڪيس ۾  پوليس گهربل رپورٽ جمع نه ڪرائڻ سبب اسان سڀاڻي  تائين مهلت ورتي آهي،ڪيس ٻيهر سڀاڻي کان هلندو،جوابدارن جي وڪيلن دليل پيش ڪندي دودي جي قتل جو الزام پوليس تي هنيو آهي،اسان سمورن شاهدن سان گڏ ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهيون،حيدرآباد ۽ مٺي بار جي سمورن وڪيلن جو پئنل ڪيس وڙهي رهيو آهي،اسان کي اُميد آهي ته دودي ڪيس جي جانچ ڪندڙ ٽيم جو سربراھ ڊي ايس پي سراج لاشاري سموريون حقيقتون ايندڙ ٻُڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪندو،اسان کي عدالتن مان انصاف جي اُميد آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.