اڳوڻي وي سي ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

حيدرآباد(رپورٽر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر رجب  علي ميمڻ جي مڙهه کي حيدرآباد جي گلستان سجاد واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ آچر ڏينهن لاهور جي هڪ اسپتال ۾ 77 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينسر جي مرض سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس مڙهه کي هوائي جهاز ذريعي لاهور مان ڪراچي ۽ بعد ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. سندس جنازي نماز گلستان سجاد واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح، ذوالفقار هاليپوٽو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ٻين علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جو بنيادي تعلق موجوده سجاول ضلعي جي دڙي شهر سان هو. سندس ابتدائي تعليم به اتان ئي ٿي. هن مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام مان تعليم حاصل ڪري يو ايس اي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي ۽ زرعي يونيورسٽي ۾ ليڪچرار کان ويندي وائيس چانسلر جي عهدي تائين مقرر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مختلف سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن ڊاڪٽر رجب ميمڻ کي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جهڙيون شخصيتون صدين ۾ جنم وٺنديون آهن. سندس وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ نه رڳو تعليمي شعبي ۾ پاڻ ملهايو پر ماڻهن کي سماجي ۽ سياسي شعور ڏيڻ لاءِ به وسان ڪو نه گهٽايو. سندس علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. کيس وفاقي حڪومت پاران شاندار تعليمي خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.