سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسندڙن کي سڄي ملڪ ۾ شڪست ملندي: کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو خواب ڏسندڙن کي عوام ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ته ڇا سڄي ملڪ ۾ رد ڪري ڇڏيندو، عوام کان جيئڻ جو حق کسيندڙ پي ٽي آءِ  سرڪار جو چهرو سڀني جي سامهون وائکو ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. نثار کهڙي چيو آهي ته صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسيندڙ پي ٽي آءِ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهي آهي. هن چيو ته تبديلي جي نالي تي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندڙ به شرمسار آهن، ملڪ ۾ تبديلي جي نالي تي سليڪٽيڊ، بدزبان، ڪوڙا ۽ عوام دشمن حڪمران مڙهيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي، پاڻي، بجلي، گيس ۽ ٻين حقن کان محروم رکندڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي عوام کان جيئڻ جو حق کسيندڙ به پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت آهي ان لاءِ عوام هاڻي ڄاڻي چڪو آهي ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکندڙ ٻي ڪا به نه پر ٽي آءِ جي حڪومت آهي. هن چيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سڄي ملڪ ۾ شڪست ڏيندو ۽ عوام جي طاقت سان بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.