بدين: ڪڙيو گهنور واسي ناري رينا ڪماري عدالت ۾ پيش ،والدين سان گڏ رهڻ جي اجازت

مبينا اغوا ڪري شادي رچايل ڪڙهيو گهنور واسي  رينا ڪماري ميگھواڙ جي تازي ڏنل بيان کان پوءِ ايس ايس پي بدين شبيراحمد سيٺار نوٽيس وٺندي متاثر ناري کي پوليس جو تحفظ فراهم ڪندي سول ڪورٽ بدين جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت م پيش ڪيو  جتي رينا ڪماري پنهنجي والدين سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو جنهن بعد پوليس جي نگراني هيٺ کيس وارثن سان گڏ روانو ڪيو ويو ، ايس ايس پي بدين شبيراحمد سيٺار رينا ڪماري ۽ سندس وارثن کي آفيس ۾ گهرائي مڪمل تحفظ جو يقين ڏياريو . ٻئي طرف ايس ايس پي بدين شبيراحمد سيٺار رينا ڪماري ۽ سندس وارثن جي شڪايت تي ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور ۽ وڏي منشي کي معطل ڪري ڇڏيو . ياد رهي ته ڪجه مهينا اڳ کيس مبينا اغوا ڪري قاسم خاصخيلي سان سندس نڪاح  ڪرايو ويو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.