زال ۽ مڙس جهيڙي دوران هڪٻئي کي گوليون هڻي ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ مڙس ۽ زال معمولي تڪرار تي هڪٻئي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

اهو واقعو غوري گارڊن ۾ پيش آيو ۽ ٻنهي زخمي زال مڙس کي طبي امداد لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

پوليس موجب زال ۽ مڙس ۾ معمولي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جنهن کانپوءِ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو.

پوليس ٻڌايو ته ٻنهي جي قبضي مان استعمال ٿيندڙ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قانون موجب ٻنهي خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته زال ۽ مڙس الڳ رهندا هئا ۽ ٻنهي کي 5 ورهين جو پٽ به آهي، عيد کان اڳ عورت پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي، جنهن کي وٺڻ لاءِ مڙس زال وٽ ويو ته ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.