ڪورونا صورتحال، وزير اعليٰ هائوس سنڌ جون آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال جي ڪري ڪراچي ۾ وزير اعليٰ هائوس جون آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪلر موجب چيف منسٽر هائوس ۾ شهرين جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سي ايم هائوس جي 14 آفيسن کان سواءِ ٻيون آفيسون بند رهنديون.

سرڪلر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 14 آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن کي اچڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته وزير اعليٰ هائوس جي بند آفيسن جا ملازم گهرن مان ڪم ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.