ڪي ٽو تي گم ٿيل محمد علي سدپارا، اسنوري ۽ موهر جا مڙهه لَڀي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي ٽو سر ڪرڻ جي مهم دوران گم ٿيندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو محمد علي سدپارا، سندس ساٿي آئس لينڊ جي جان اسنوري ۽ چلي جي جوان پابلو موهر جا لاش 5 مهينن کانپوءِ دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽيءَ جي خطرناڪ ترين هنڌ کان 400 ميٽر پري ملي ويا.

الپائن ڪلب آف پاڪستان جي سيڪريٽري ڪرار حسين حيدري هڪ بيان ۾ چيو ته بلندي سبب لاشن کي هن وقت آڻڻ انتهائي ڏکيو آهي پر ان حوالي سان آرمي ايوي ايشن مدد ڪري رهي آهي.

هن ٻڌايو ته جان اسنوري جو لاش ان جي گهرواري لينا جي درخواست تي آئس لينڊ نيو ويندو، جڏهن ته پابلو موهر جي ڀيڻ ۽ ماءُ اڳ ئي فيصلو ڪري چڪيون آهن ته لاش چلي موڪليو وڃي.

ان کان اڳ گلگت بلتستان جي سياحت واري وزير راجا ناصر چيو هو ته محمد علي سدپارا ۽ ساٿي جبل چاڙهن جا لاش هٿ اچڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.