آمريڪا جي شهر ھيوسٽن ۾ رهندڙ سنڌين پاران خوبصورت عيد ملن پارٽي

آمريڪا جي شهر ھيوسٽن ۾ رهندڙ سنڌين پاران  هڪ خوبصورت عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ سنڌي مرد، عورتن ، نوجوانن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي . سنڌي ڪميونٽي آف هيوسٽن ( سانا چيپٽر) پاران سجايل هن البيلي شام ۾ سنڌ کان آيل مهمان راڳي انينا فدا پنهنجي سريلن آلاپن ء سندر سرن جي ورکا ڪري پروگرام ۾ چار چنڊ لڳايا ، پروگرام ۾ غلام سرور خشڪ مرشد ڀٽائي جي شاعري ٻڌائي ويٺلن جو خوب داد حاصل ڪيو . معشوق ملاح پروگرام  ۾ شرڪت ڪندڙن کي آجيان ڪئي. پروگرام ۾ آرٽسٽ پروفيسر محمد علي ڀٽي ۽ سنڌ جي سهڻي شاعر عبدالغفار تبسم کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا، پروگرام ۾ ڊسمبر  مهيني ۾ سنڌي ثقافت  جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو  ، پروگرام آرگنائيز ڪندڙ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن معشوق ملاح، اصغر پٺاڻ، اختر خواجه، سعيد شيخ، ڊاڪٽر عقيل احمد پنهور پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ پروگرام ۾ رضاڪارانه طور پنهنجون خدمتون ڏيندڙ ادي نڪوليٽا ٽالپر ، ڪامران رضوي ، سائره لغاري ، نوجوان وقار لاشاري، دانش پٺاڻ ۽ ٻين ڪيترن نوجوانن جا ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.