خانپور مهر: آزاد ڪشمير چونڊ ۾ ڌانڌلي جا نوان رڪارڊ قائم ٿيا:محمد بخش خان مهر

خانپور مهر: آزاد ڪشمير چونڊ ۾ ڌانڌلي جا نوان رڪارڊ قائم ٿيا:محمد بخش خان مهر

 

 

 

پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو آھي ته آزاد ڪشمير چونڊ  ۾ ڌانڌلي ۽ تشدد جا نوان رڪارڊ قائم ٿيا آهن جيڪي جمھوريت لاء سخت نقصانڪار آھن ، ، خانڳڙهه  ۾ پنھنجي رھائشگاھ تي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ھن چيو ته پي ٽي آء پاران غير جمھوري لاڙا ته سليڪٽر جي سليڪشن سان ئي سامھون آيا ھئا جيڪي ڪشمير چونڊ دوران وڌيڪ ڏسي ۽ پرکي سگھجن ٿا . سردار محمد بخش خان مھر جو چوڻ ھو ته شيخ رشيد جھڙا ماڻھو ھوا جا ڀريل ڦوڪڻا آھن جيڪي پنھنجي وزارت جي بچاء لاء ڪجھ به ڳالھائي سگھن ٿا ، سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته گھوٽڪي ضلعي جي ڪيترين ئي ترقياتي رٿائن تي ڪم ھلندڙ آھي ۽ نين رٿائن تي به جلد ڪم شروع ٿي ويندو .

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.