پاڪستان افغان فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پناهه ڏئي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر موجب افغان فوج جي 5 آفيسر سميت 46 اهلڪارن کي پاڪستان ۾ پناهه ۽ محفوظ رستو ڏنو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو ٻڌائڻ آهي ته هي افغان فوجي چترال ۾ ارندو سيڪٽر ۾ رات دير سان پهتا هئا، افغان نيشنل آرمي جي مقامي ڪمانڊر ارندو سيڪٽر چترال ۾ پاڪ فوج کان پناهه جي درخواست ڪئي هئي، افغانستان مان پناهه جي درخواست ڪندڙن ۾ بارڊر پوليس جا اهلڪار به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج افغان اختيارين کان ڄاڻ ۽ ٻين ضروري قدمن جي لاءِ رابطو ڪيو، افغان فوجين کي کاڌو، پناهه ۽ طبي امداد ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان فوجين کي ضروري طريقيڪار کان پوءِ افغانستان حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.

آءِ ايس پي آر موجب ان کان اڳ پهرين جولاءِ تي به 35 افغان  فوجين محفوظ رستي جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.