پ پ جو آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته حڪومت اليڪشن جو ماحول خراب ڪيو، ڪيترائي پرتشدد واقعا ٿيا، حڪومت اخلاقن جي پامالي ڪئي آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته ڪشمير چونڊن ۾ وزيرن سرعام ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن باوجود وزيراعظم جي ساٿي وزيرن دروا ڪيا، اڄ پ پ جي اميدوار چوڌري ياسين جي تڪ ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو.

هن چيو ته چوڌري ياسين الڪيشن کان اڳ هڪ لکت واري درخواست به ڏني هئي، چوڌري ياسين ٻڌايو هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي هڪ تڪ ۾ دلچسپي آهي، ڪيترائي اهڙا واقعا آهن، جن ۾ انتظاميا کي سرعام استعمال ڪيو پيو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا جهنڊا هڻي انتظاميا ڪم ڪري رهي آهي، سرڪاري مشينري استعمال ٿي رهي آهي، آزاد ڪشمير جي عوام سراپا احتجاج آهي، انهن جي هٿن مان سندن ووٽ کسيا پيا وڃن، توهان کي گهرجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن آزاد ڪرايو ها، توهان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچايو آهي.

راجا پرويز اشرف چيو ته هاڻي اهڙيون چونڊون ڪرايون پيون وڃن، جيڪي ڪشمير ڪاز سان غداري آهن، ڀُٽو صاحب چوندو هو ته مان خواب ۾ به ڪشمير جي باري ۾ ڪا غلطي نٿو ڪري سگهان، توهان ته جاڳندي ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.