حڪومت سان گڏ مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار آهي: مراد علي شاهه

 

ڀان سيد آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر جماعتن کي حڪومت خلاف ٻيهر متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.

ڀان سيد آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار لڳي رهي آهي، پي ڊي ايم جو بنياد بلاول ڀٽو زرداري نااهل حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ وڌو پر ڪجهه پارٽين وفاقي حڪومت کان استعيفيٰ گهرڻ بدران پ پ چيئرمين کان ميمبر شپ تان استعيفيٰ جي گهر ڪئي.

هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي هڪ دفعو ٻيهر متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن وفاقي حڪومت مان اها اميد نه آهي ته اها غريب عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندي.

نواز شريف جي افغان نمائندي سان ملاقات بابت سوال تي وڏي وزير لاعلمي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون  پارٽين جي بنيادن تي ٿينديون، مڪاني چونڊون عام چونڊن کان اڳ ڪرايون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.