ڀارتي اداڪارا ڪار حادثي ۾ مرڻينگ

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ياشيڪا آنند ڪار حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثو ڀارتي رياست تامل ناڊو جي علائقي مهابالي پورم ۾ ڇنڇر جي شام اوڀر سامونڊي روڊ تي پيش آيو.

حادثي ۾ اداڪارا سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ساڻس گڏ 28 ورهين دوست ولي چيٽي ڀواني ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

حادثي جو شڪار ڪار جون  تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ ڪار مڪمل طور تباهه نظر اچي رهي آهي.

پوليس جي شروعاتي جاچ موجب گاڏي ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهو موجود هئا، جن کي به اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اداڪارا ياشيڪا آنند ڪيترن ئي تامل فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.