گڏيل قومن افغان حدن مان پاڪستان ۾ حملن جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) افغان حدن مان پاڪستان ۾ حملا ڪري سگهي ٿي.

گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم 28هين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ القاعدا، داعش ۽ ٻين شدت پسند گروهن مان خطرن جو جائزو به پيش ڪيو ويو آهي.

تجزيي نگارن يو اين رپورٽس کي ڏسندي پاڪستان جي خدشن کي جائز قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گذريل سال انهن تنظيمن کي ڀارتي مدد جون ٺوس شاهديون شيئر ڪيون هيون.

قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار معيد يوسف پڻ 23 جون تي لاهور ڌماڪي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جون واضح شاهديون پيش ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.