دريا خان مري ڀرسان قتل ٿيل نينگري جو قاتل گرفتار، لڄالٽ جو به اعتراف

دريا خان مري (ن ع آ)گذريل ڏينھن قتل ٿيل 6 سالن جي  نينگري سنڌيا ڀيل جي وارثن وٽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي پھچي نينگري جي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ جاءِ واردات جو پڻ معائنو ڪيو ان موقعي تي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم نينگري جي قتل تي تمام گهڻو صدمو رسيو آھي معصوم نينگري سنڌيا ڀيل کي قتل ڪندڙ مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن نينگري کي ڏاڍائي ڪرڻ بعد گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ وارثن جي مرضي موجب جوابدار مٿان قتل ڪيس ۽ ريپ سميت دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آھن ايس ايس پي امير سعود مگسي وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار جا جزا وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ  ليبارٽري اماڻيا ويا آھن ايس ايس وڌيڪ چيو ته نياڻي کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ قتل ٿيل معصوم نينگري جي خون سان انصاف ڪيو ويندو ٻئي طرف ڊي ايس پي دوڙ نثار وساڻ چيو ته معصوم سنڌيا ڀيل قتل ڪيس جي مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت شھيد بينظير آباد ۾ پيش ڪري ريمانڊ ورتو ويندو گرفتار جوابدار معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو آھي جوابدار جا جزا وٺي جامشورو ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آھن، هوڏانهن قتل ڪيل معصوم نينگري سنڌيا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صبا چانڊيو چيو ته نينگري جا جزا وٺي روھڙي ليبارٽري موڪليا ويا آھن ليبارٽري ٽيسٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته نينگري سان جنسي ڏاڍائي ٿي آھي يا نه جڏھن ته قتل ٿيل نينگري سنڌيا ڀيل جي وارثن ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ان موقعي تي ايس ايس پي امير سعود مگسي قتل ٿيل نينگري جي وارثن کي يقين ڏياريو ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.