بلاول جي دورن حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون: مراد علي شاهه

 

سيوھڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪا دوري سان حڪمرانن جو ننڊون حرام ٿي ويون آهن، عوام جي عمران حڪومت مان جلد جان ڇڏائينداسين.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي کان سيوهڻ ايئرپورٽ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جو ڪشمير بابت چٽو موقف آهي، ڪشمير جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان گڏ آهي، پ پ قيادت سدائين ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي.

هن چيو ته ڪشمير چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وارا غلط ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن، سنڌ سميت ملڪ جو عوام پي ٽي آءِ وارن کي سڃاڻي ويو آهي، سنڌ جي عوام کي چوان ٿو ته انهن جي ڄار ۾ نه ڦاسن.

وڏي وزير چيو ته خانگي دوري تي آمريڪا ويس ته مخالف پريشان ٿي ويا، پارٽي چيئرمين جي آمريڪا دوري سان پي ٽي آءِ حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن.

ڪورونا وائرس جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ وبا جي صورتحال کي ڏسندي پابنديون هنيون آهن، سنڌ سرڪار کي درگاهون بند ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي پر ڪورونا صورتحال کي ڏسندي پابنديون پيا هڻون، عوام ساٿ ڏئي ته جيئن ڪورونا تي ضابطو اچي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ڊي ايم هاڻ پنجاب جي ڪجهه سياسي جماعتن تائين محدود ٿي وئي آهي، اصل اپوزيشن جو ڪردار رڳو پ پ ئي ادا پئي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.