افغان صدر جي رهائش گاهه تي عيد نماز دوران راڪيٽ حملا

ڪابل (۾ ڊ) افغان صدر جي رهائشگاهه تي عيد جي نماز دوران راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو آهي. افغان ميڊيا موجب گادي واري شهر ڪابل ۾  صدر اشرف غني جي رهائشگاهه ويجهو عيد نماز دوران راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو پر حملي دوران ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي ڪابه اطلاع نه ملي آهي.راڪيٽ حملي وقت افغان صدر ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار صدارتي محل ۾ عيد نماز جي ادائيگي ۾ مصروف هئا. ان حوالي سان افغان سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو آهي ته پروان سي جي علائقي مان 3 راڪيٽ فائر ڪيا ويا جيڪي باغ علي مردان ۽ چمن هوزوي جي علائقن ۾ ڪريا. واقعي کان پوءِ صدارتي محل جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.عيد نماز کان پوءِ صدر اشرف غني خطاب ڪندي چيو ته طالبان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کي امن جي ڪابه خواهش نه آهي. هو ان بنياد تي فيصلو ڪندا. ايندڙ 3 کان 6 مهينن دوران صورتحال بدلجي ويندي. هن چيو ته ملڪ کي مليشيا ٺاهڻ ۽ آمريت جي ڪابه جڳهه نه آهي. صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عملي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.