وئڪسين نه ڪرائيندڙ جون موبائل سمون بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا وئڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن جي موبائل سمز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ حڪومت اين سي  او سي ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ وئڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب  به موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اين سي او سي کي سنڌ حڪومت جو فيصلو ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو هڪ هفتي جي دوران وئڪسين نه ڪرائين انهن جي موبائل سم بلاڪ ڪئي  وڃي. جڏهن ته ايندڙ مهيني کان جنهن وئڪسين ناهي ڪرائي انهن سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.