ڪامريڊ سينگار نوناري آزاد نه ٿيو، چاچي فوت، جنازو گهر ۾ رکي آزادي لاءِ ڌرڻو

نصيرآباد(ن ع آ) ڪامريڊ سينگار نوناري جي چاچي فوت، مٽ مائٽ، عزيز ۽ سياسي ڪارڪن جنازو گهر رکيڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي  لاءِ روڊ تي نعرا هڻندا رهيا. نوناري محلي کان هندو حويلي تائين ريلي ۽ ڌرڻو.  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين سائين خالق جوڻيجو چيو ته، جڏهن عورتون ٻارڙا ۽ ٻڍا گهرن ۾ جنازا رکي، پاڻ روڊن تي رياستي جبر ۽ سينگار سميت پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ نڪري اچن ته انهن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي. وڌيڪ چيائين ته، آئون نصيرآباد جي ماڻهن خاص ڪري عورتن کي سلام ٿو پيش ڪريان جن لڳ ڀڳ مسلسل آواز بلند ڪيو آهي.  رياست جو هي جبر ۽ اسانجي ان خلاف جنگ سينگار سميت سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن جي بازيابي تائين جاري رهندي.عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي نيشنل ڪاميٽي جي ميمبر ۽ نصيرآباد جي اڳواڻ ڪامريڊ منصور حلاج چيو ته، سنڌ ۾ ڪربلا جو منظر آهي، هڪ پاسي 28 ڏينهن کان اسانجو اڳواڻ، ڪامريڊ سينگار نوناري رياستي ادارن هٿان گم آهي ته ٻئي پاسي اسانجي ڪلهن تي پيارن جا جنازا کنيل آهن. هوڏانهن عيدگاهه ۾ جنازي نماز پڙهنداسين ۽ هينئر هتي ٻارڙن، عورتن سان گڏ روڊ تي ڌرڻي ۾ پهتا آهيون. ان کان وڌيڪ تاريخ ۾ ظلم ۽ انڌاري رات جو ٻيو ڪو مثال نه ملندو. اسانجو مطالبو آهي ته، بنيادي سهولتون نه ڏئي سگهندڙ ڌريون اسانجا مسيحا اسان کان جدا نه ڪن، ڪامريڊ سينگار نوناري کي جلد آزاد ڪيو وڃي. ڌرڻي ۽ ريلي ۾ شهري اتحاد نصيرآباد، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ،گسٽا ،ڪمنان ، نمنان ،نمسوا ، رائيس ملز مزدور يونين ، رائيس ملر ائنڊ ٽرينڊ يونين، بوٽ هائوس يونين، جنرل اسٽور يونين، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، جي يو آئي، شيعا علماء ڪائونسل، ڪلاٿ مارڪيٽ يونين، ناري جمهوري محاذ ،جيئي سنڌ محاذ، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن شامل رهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.