فائزر وئڪسين جون ٻه خوراڪون ڊيلٽا ويرينٽ خلاف 88 سيڪڙو موثر

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته فائزر وئڪسين جون ٻه خوراڪون ڊيلٽا ويرينٽ جي خلاف 88 سيڪڙو موثر  رهيون. برطانوي تحقيق ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ايسٽرا زينيڪا وئڪسين جون 2 خوراڪون ڊيلٽا ۽ ويرينٽ جي خلاف 60 سيڪڙو موثر رهيون . جڏهن ته فائزر وئڪسين جي هڪ خوراڪ 36 سيڪڙو ۽ ايسٽرا زينيڪا جي هڪ خوراڪ 30 سيڪڙو موثر رهي. ٻئي پاسي برطانيا ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جي 44 هزار 104 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 73 فوتگيون ٿيون جڏهن ته فرانس ۾ 21539 ڪيس آڏو آيا. ان کان سواءِ چلي روسي ڪورونا وئڪسين اسپوٽنڪ فائيو جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وفاقي حڪومت نيوز ويب سائٽس لاءِ ڊجيٽل پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

لاهور (پ ر) سي پي اين اي جي ڊگهي عرصي کان ٿيندڙ مطالبي جي نتيجي ۾ نيٺ وفاقي حڪومت اخبارن سميت ٻين نيوز ويب سائٽس لاءِ ڊجيٽل پاليسي کي حتمي  شڪل ڏئي ڇڏي آهي،  اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي جي وڇوڙي وقت تعزيت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد سي پي اين اي جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي وفاقي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقيني رکي ٿي، ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت صحافي تنظيم جي وڏي وقت کان ٿيندڙ مطالبي کي تسليم ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ڊجيٽل پاليسي کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.