خير محمد آريجا ڀرسان پيڪي آيل ڀيڻ ڀاءُ هٿان قتل

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاهه) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ بکر ڪارڙا ۾ 18 ورهين جي نوجوان ناري فرزانا زال محمد رمضان خاصخيلي کي پنھنجي سڳي ڀاءُ محمد پناهه ابڙو سڌيو گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد سندن والده پناهه خاتون حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي قتل ڪيل ناري فرزانه ابڙو جي ماءَ پناهه خاتون صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڌي  جي شادي ٻه مهينا اڳ ڳوٺ آباد ڪلهوڙو جي رهواسي رمضان خاصخيلي سان ڪرائي هئي هن الزام لڳائيندي چيو ته منهنجي ڌي فرزانه ساهرن وٽ ڏکي هئي، جيڪا شڪايتون ڪندي هئي عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو پٽ ڀيڻ کي ساهرن وٺان وٺي آيو هيو، اتي منهنجي نياڻي رمضان منھنجي پٽ جا ڪن ڀريا ۽ غلط برابر ڳالھيون ٻڌايو ھيون، اڄ مان رونبو ڪرڻ ٻني تي وئي هيس  اطلاع مليو ته ڌي کي پٽ قتل ڪري فرارٿي ويو آهي، هن اعلي اختيار کي اپيل ڪندي چيو ته نياڻي جي قتل ڪيس ۾ منھنجي نياڻي رمضان کي به شامل ڪيو وڃي، جڏھن ته پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي وئي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،

دريا خان مري ڀرسان ٻارڙي اغوا بعد گھٽا ڏئي قتل

دريا خان مري (ن  ع آ) دريا خان مري ڀرسان ٻانڌي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالخالق راڄپر ۾ ڀيل برادري جي شادي تقريب مان ڌرمو ڀيل جي 6 سالا  نياڻي سنڌيا ڀيل پراسرار نموني اغوا ٿي وئي جنھن جو لاش گھرن ڀرسان ڪمند جي فصل جي ڀرسان واٽرڪورس مان مليو نينگري جو لاش پوليس رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي فوتي نينگري جي چاچن موھن ۽ بابو ڀيل صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي گذريل رات شادي تقريب ھئي جنھن دوران نينگري سنڌيا گم ٿي وئي اسان شادي تقريب ختم ڪري سڄي رات نينگري جي ڳولا ڪئي پر نينگري ھٿ نه آئي جنھن بعد صبح جو گھرن جي ڀرسان ڪمند جي فصل جي ڀرسان واٽر ڪورس مان نينگري جو لاش ھٿ آيو جنھن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ايمبولنس ذريعي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي کڻائي آئي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي پر ساجن ڀيل وارن سان سڱاوتي تڪرار ضرور ھلندڙ ھو ۽ انجو به فيصلو ٿي چڪو ھو پر ساجن ڀيل جي ڌر پاران  اھو فيصلو قبول نه ڪيو ھو جنھن تان اسانجي معصوم نينگري سنڌيا کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف ٻانڌي پوليس مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي معصوم نينگري کي قتل ڪندڙ  ھڪ مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو جنھن بعد ڊي ايس پي دوڙ نثار احمد وساڻ ۽ ايس ايڇ او ٻانڌي حبيب الرحمٰان مري صحافين کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي  ساجن ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو ھو جنھن پوليس جاچ دوران قبول ڪيو آھي ته نينگري کي شادي تقريب مان ورغلائي موٽر سائيڪل تي کڻي نينگري کي گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش واٽر ڪورس ۾ اڇلايو ھو جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل پڻ اھو اعتراف ڪيو آھي ته سندس معصوم نينگري سنڌيا کي قتل ڪرڻ ۾ ھڪ ٻيو جوابدار ريوو ڀيل پڻ گڏ ھو، ڊي ايس پي دوڙ نثار احمد وساڻ وڌيڪ ٻڌايو ته واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل پڻ ھٿ ڪئي وئي ۽  ٻئي جوابدار جي گرفتار لاءِ ڇاپا جاري آھن تمام جلد ٻئي جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويندو جنھن بعد وارثن جي مرضي موجب قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، جڏھن تہ نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صبا چانڊيو صحافين کي ٻڌايو تہ نينگري جو لاش پاڻي ۾ ٻڏل ھو جنھن ڪري صحيح نموني سان ڪجھه نه ٿو چئجي سگھجي جڏھن تہ سندس چھري تي تشدد جا نشان مليا آھن جڏھن ته نينگري جا جزا روھڙي ليب موڪليا پيا وڃن جتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي جڏھن تہ نينگري جو لاش ملڻ بعد سندن گھر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو آھي خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

ميان صاحب ڀرسان عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويندڙ 2 نوجوان گوليون هڻي قتل

ميان صاحب ( ن ع آ  ) ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوٺي پير جا رهواسي 2 نوجوان 24 ورهين جو محمد الياس پٽ لکمير ڪلر ۽ 17 ورهين جو محمد اسماعيل پٽ علي گل ڪلر عيد نماز پڙهڻ ميان صاحب اچي رهيا هئا ته زرخيل لنڪ روڊ تي هٿياربندن حملو ڪري کين گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اطلاع تي ميان صاحب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوانن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا عيد ڏهاڙي ٻن نوجوانن جا لاش سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻنهي نوجوانن جو قتل ڪيس ميان صاحب ٿاڻي تي مقتولن  جي مائٽ محمد گل ڪلر جي فرياد تي نياز علي ، ڪوڙل ، حيدر ، عاجز ، اعجاز ، عبدالغني سميت ڪلر برادري جي 13 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو آهي هوڏانهن واقعي بعد ميان صاحب پوليس جوابدارن جي گرفتارين لاء ميان صاحب ۽ جيڪب آباد ضلعي ۾ رهندڙ ڪلر برادري جي گهرن تي چڙهايون ڪيون جتان پوليس شڪ جي بنياد تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو .

يارولنڊ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

دادلغاري (رپورٽ: امجد لغاري) يارولنڊ ٿاڻي جي حد پير پکڙوئي لال لڳ ڳوٺ فضل علي لنڊ ۾ جوابدار صدام حسين لنڊ پنهنجي گھرواري مائي سگهڙ کي رات دير سان ڪارنھن جو الزام ڏئي بندوق جا فائر ڪري  بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيوآهي قتل ڪرڻ بعد جوابدار صدام لنڊ فرار ٿي ويو جڏهن ته واقعي جي اطلاع بعد يارولنڊ ۽ دادلغاري پوليس به پهچي وئي هوڏانهن حد بندي جي تڪرار سبب دادلغاري ۽ يارولنڊ پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايو جتي مقتولا سگهڙ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته مقتولا جي وارثن لاش ايس پي آفيس اڳيان رکي احتجاج ڪيو ان موقعي ته مقتولا جي ڀاءُ چنيسر لنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صدام لنڊ ساٿين,ممتاز لنڊ, اصغر لنڊ  ٻين سان گڏجي اسان جي ڀيڻ تي ڪارنهن الزام ڪو ناحق الزام ڏيئي قتل ڪيو آھي ان چيو ته منهنجي ڀيڻ سگهڙ پنهنجي مڙس صدام لنڊ کي ٻي شادي ڪرڻ کان روڪيو ته هو مڇرجي ان جي جان جو ويري بڻجي  ان کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي هوڏانهن يارولنڊ پوليس ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ڇاپا هڻي رهيا آهيون ۽ جاچ به جاري آهي ۽ ڪوشش ڪري ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ٻي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ايس ايڇ او يارولنڊ پرويز شاه ٻه جوابدار ممتاز لنڊ ۽ اصغر کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي رکڻ بجا۽ ٻي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.