صحافي عارف نظامي جو وڇوڙ وڏو خال قرار

لاهور (۾ ڊ )پاڪستان جو ناليوارو صحافي ۽ اڳوڻو نگران وفاقي وزير عارف نظامي لاڏاڻو  ڪري ويو.عارف نظامي انگريزي اخبار پاڪستان ٽوڊي جي باني ۽ ايڊيٽر ۽ نواءِ وقت اخبار گروپ جي باني حميد نظامي جو پُٽ هو.عارف نظامي گذريل ٻن هفتن کان لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.عارف نظامي جي ڀاڻيجي بابر نظامي، سينيئر صحافي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مرحوم دل جي عارضي ۾ مبتلا هو.هوڏانهن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي سينيئر نائب صدر علي ڪاظم وحيد، عامر محمود، سردار نيازي، اڪرم سهگل، ارشاد احمد، انور ساجدي، غلام نبي چانڊيو، طاهر فاروق، عارف بلوچ، تنوير شوڪت، شڪيل ترابي، سيد حامد حسين عابدي، عبدالرحمان مڱريو سميت ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي اين اي هڪ دلير اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، سندس خدمتن کي صحافتي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، ٻئي پاسي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سينيئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر ۽ وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن جي لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر  سينئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملڪ جي سينئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو .پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو آهي ته عارف نظامي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار عارف نظامي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور صحافي عارف نظامي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عارف نظامي صحافت ۾ جيڪي ڏيئا ٻاريا انهن جي روشني وڌندي رهندي، مرحوم جون صحافت جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون آهن، سندس لاڏاڻو صحافت جي لاءِ وڏو نقصان آهي، انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري سينئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عارف نظامي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي سخت ڏک پهتو.

صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي  آرمي چيف پاران تعزيت

راولپنڊي (م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سينيئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو  آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سينيئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت، درجا بلند ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي سهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.