گڏيل قومون ڀارتي جاسوسي آپريشن جي جاچ ڪن: پاڪستان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان گڏيل قومون کان ڀارتي جاسوسي آپريشن جي جاچ مطالبوڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان  زاهد حفيظ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان سميت اهم شخصيتن جاسوسي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي قائدن ۽ ذميواراڻي رياستي روين جي ڀڃڪڙي ۽ جاسوسي جي آپريشن وڏي پئماني اسپانسر ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ هلندڙ هفتي شائع ٿيندڙ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وزير اعظم جي استعمال هيٺ رهندڙ فون نمبر کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ موجب اسرائيلي ڪمپني اين ايس او جاسوسي سافٽ ويئر پيگاس استمال ڪري جاسوسي جي ڪوشش ڪئي وئي، آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جي ڊگهي مهم تحت اختلاف رکندڙن نگراني ۽ واريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪريون ڪندي پاڪستان خلاف غلط معلومات پکيڙي ويندي آهي.ڀارت جي نام نهاد جمهورت جو اصل دنيا سامهون ان وقت ئي اچي ويو هو جڏهن گذريل سال اي يو ڊس انفو ليب ۽ انڊيا ڪرونيڪل متعلق معلو مات منظر عام تي آئي هئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.