شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي دوري تي چين روانو

اسلام آباد (م ڊ ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي.شاهه محمود قريشي  روانگي کان اڳ ۾ چيو ته مان اڄ چين جي ٻن ڏينهن واري دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. منهنجي چين جي پرڏيهي وزير، اسٽيٽ قونصلر وانگ زي سان ملاقات ٿيندي.  پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر مون سان گڏ آهن. ان ملاقات ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ ايجنڊا بحث هيٺ ايندي.شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن جو نئين سري سان جائزو وٺڻو آهي. اسان کي افغانستان ۽ علائقائي صورتحال تي هڪ ٻئي جا تاثر ڄاڻڻ جو موقعو ملندو. سي پيڪ پراجيڪٽس تي هينئر تائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ لائحه عمل تي اسان جي تفصيلي ويهڪ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.