اڀيجيٽ ڀٽاريا عاطف اسلم جي ڳائڻ مان پريشان ٿيڻ لڳو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جو ناليوارو گلوڪار اڀيجيت ڀٽاريا مشهور پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم جي ڳائڻ ۽ مقبوليت مان خوفزده ٿيڻ لڳو آهي.

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڀيجيت ڀٽاريا ڀارت جو وڏو ۽ مشهور گلوڪار آهي، ان جي گيتن سبب باليووڊ جي ڪيترن ئي فلمن باڪس آفيس تي گوڙ مچائي ڇڏيو، تنهن هوندي به هو پنهنجي بيانن جي ڪري تڪرار جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ عاطف اسلم جو تڪرار به شامل آهي.

پاڪستاني گلوڪار ڪنهن به تعريف جو مهتاج ناهي، عاطف اسلم کي ”وو لمحي“ گيت ڳائڻ کانپوءِ شهرت ملي، ان گيت کي نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ پسند ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ سندس ڪيترائي گيت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مشهور ٿيا.

سال 2008 ۾ هڪ سنگنگ ريئلٽي شو ”ايڪ سي بڙهه ڪر ايڪ“ ۾ اڀيجيت جج طور حصو بڻيو، شو ۾ جڏهن هڪ ڪنٽيسٽنٽ عاطف اسلم جو گيت ڳايو ته ڀارتي گلوڪار وائڙائپ جو شڪار بڻجي ويا، اڀيجيت ڪنٽيسٽنٽ کي سندس ڪارڪردگي تي مڪمل نمبر ڏيندي چيو ته توهان جنهن جو گيت ڳايو آهي مان ان کي زيرو نمبر ڏيان ٿو.

گلوڪار اڀيجيت چيو ته اهو گيت ناهي هوندو جنهن ۾ ڪنهن سافٽ ويئر جو استعمال ڪيو وڃي، مان اهڙن گيتن کي زيرو نمبر ڏيندو آهيان، مونکي ناهي خبر ته اهو ڪهڙي گلوڪار جو گيت آهي اهو شخص ڪڏهن به گلوڪار جي فهرست ۾ شامل نٿو ٿي سگهي جيڪو پنهنجي آواز کي مشينن جي مدد سان بهتر ڪري.

اڀيجيت ڀٽاريا ڪنٽيسٽنٽ کي چيو ته مهرباني ڪري ٻيهر اهڙي بيسري راڳين جا گيت نه ڳائيندا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.