کهڙا ۾ نوجوان اديب ۽ شاعر نويد ناز اڄڻ سان علمي ۽ ادبي رهاڻ

کهڙا ۾ نوجوان اديب ۽ ليکڪ نويد ناز اڄڻ سان علمي ۽ ادبي رهاڻ رچائي وئي

بزم سچل پاران رچايل رهاڻ ۾ شاعر نديم مغل، مبين اڄڻ، عبدالرزاق اڄڻ، ميان آفتاب احمد سميت ٻين شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته نويد ناز اڄڻ هڪ سٺو شاعر، اديب ليکڪ ۽ بهترين استاد آهي، سندس پيشي سان سچائي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن

خطاب ۾ نويد ناز اڄڻ چيو ته انسان وٽ ادب ۽ اخلاق جو هجڻ ضروري آهي، اخلاق ۽ ادب کانسواءِ انسان اڻپورو آهي

تقريب ۾ عبدالڪريم شر، عامر علي انصاري، گدا حسين اڄڻ، مهتاب علي عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

رپورٽ: تبسم اڄڻ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.