ڀان سعيد آباد ويجهو پوليس موبائل تي فائرنگ، هڪ اهلڪار زخمي

ڀان سعيد آباد ويجهو بوبڪ آبساڻي لنڪ روڊ وٽ پوليس موبائل تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.

ٽن نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار منور موريو زخمي ٿي پيو جنهن کي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ مان طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي

واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي دلدار سومرو ون فائيو مددگار ٽيم جو انچارج منظور دل پوليس نفري سميت اسپتال پهتا

ڊي ايس پي سيوهڻ دلدار سومرو جو چوڻ هو ته هٿياربندن رات جي وقت گشت ڪندڙ پوليس تي فائرنگ ڪئي آهي، جوابدارن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون کين جلد گرفتار ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.