”آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر غائب نه ٿيندا“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ عبدالرشيد سلهريا چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر غائب نه ٿيندا، نئين قانون جي تحت انهن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو پولنگ اسٽيشن تي نتيجي جو اعلان ڪري تصديق ٿيل ڪاپيون پولنگ ايجنٽس کي فراهم ڪن ۽ گڏوگڏ ئي نتيجا واٽس ايپ تي موڪلن.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته آرمي، رينجرز، ايف سي ۽ ٻيا ادارا بيلٽ باڪس ۽ ۽ آر او کي پنهنجي حفاظت ۾ واپس پهچائڻ جا ذميوار هوندا.

هن چيو ته جتي شڪايت ملي ايڪشن ورتو ويندو، ڪيترا آفيسر معطل ڪيا ۽ گاڏيون ضبط ڪيون ويون آهن عملدرآمد انتظاميا جو ڪم آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.