ڪي پي ۾ چئن ڏينهن جي مينهن دوران 14 ڄڻا فوت ٿي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ گذريل چار ڏينهن دوران مينهن ۽ ٻوڏ سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پي ڊي ايم اي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ 21 گهرن کي جزوي، 4 گهرن کي مڪمل نقصان پهتو.

ڊي ايم اي جي موجب ضلعي انتظاميا کي امدادي ڪارروائيون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، سموري ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن سان ويجهي رابطن ۾ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.