چيني سفير جي شيخ رشيد جي گهر آمد، عيد جون واڌايون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيني سفير نونگ رونگ گهرو وزير شيخ رشيد جي گهر وڃي کيس عيد جون واڌايون ڏنيون.

چيني سفير ۽ شيخ رشيد جي ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڪا به طاقت رنڊڪ نٿي بڻجي سگهي.

چيني سفير پاڪ چين لاڳاپن جي خلاف اٺندڙ سازشن جي خلاف قدمن تي گهرو وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ داسو هائيڊرو پاور بس حادثي بابت جاري جاچ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.