عيدالاضحيٰ جي ٻئين ڏينهن به قرباني جو سلسلو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قرباني واري عيد جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به قرباني جو سلسلو جاري آهي.

ملڪ ۾ سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي. قرباني جو اِهو سلسلو عيد جي ٽئين ڏينهن تائين جاري رهندو. انتظاميا صفائي جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيا آهن ۽ وڏا ڊمپنگ اسٽيشن به ٺاهيان آهن، مختلف علائقن کي ذيلي سيڪٽرز ۾ ورهائي صفائي جا بندوبست ڪيا پيا وڃن.

مڪاني ادارن طرفان لکين ٽن اوجهه کي ٺڪاڻي لڳايو پيو وڃي. شهرين طرفان اوجهه روڊن ۽ گهٽين ۾ پيل هئڻ واري شڪايت ملڻ تي بروقت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ان جو ازالو ڪيو پيو وڃي.

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن تي حڪومت عيد جي موقعي تي عوام کان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.