ڀارت جي سمورين خواهشن باوجود پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو: حماد اظهر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڀارت جي سمورين خواهشن جي باوجود پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو.

خانگي ٽي وي چينل سان پنهنجي خاص ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سرحدي جغرافيائي ۽ پرڏيهي پاليسي بهتر انداز ۾ هلي رهي آهي، ڀارت جي سمورين خواهشن جي باوجود پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ وارا ناڪام ٿيندا، پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ مستحڪم ٿيندي.

حماد اظهر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي بدترين معاشي حالتن ڏانهن ڌڪڻ وارا پاڻ ملڪ کان ٻاهر آهن، وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ملڪ سهي رخ ۾ آهي، ٽن سالن ۾ ملڪ جي معيشت بهتر ڪئي آهي، هاڻ معيشت جو ڦيٿو هلي پيو آهي سمورن شعبن ۾ بهتري ايندي، توانائي جي بحران تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي.

 قرباني واري عيد جي حوالي سان وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي تڪ ۾ مختلف ماڳن تي جانورن جي قرباني ڪئي ۽ ان جو گوشت مستحق ماڻهن تائين پهچايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.