عيد تي ڪورونا ايس او پيز جون ڀڃڪڙيون، مثبت ڪيسن جي شرح 6.30 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي عوام طرفان ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي جنهن جي ڪري ڪيسن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 6.30 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 34 هزار 216 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2158 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.30 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22928 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيسن جو انگ 9 لک 98 هزار 609 تائين پهچي ويو آهي.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل ڪ۾ 895 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 22 هزار 929 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.