ٺٽو: کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن ۽ بحريا ٽائون ڪيس  جي اسيرن جي آزادي لاءِ احتجاج

جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون ڪيس جي اسيرن جي آزادي لاءِ عيد ڏھاڙي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن راول ، يوسف ڪرناڻي، فقير رزاق انڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان سوين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، اڄ ڏينھن تائين سندن ڪو به  پتو پئجي ناھي سگھيو، جيڪڏھن سندن ڪو ڏوھ آھي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.بحريا ٽائون خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته  کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي ظاھر ڪري جلد آزاد ڪيو وڃي.

رپورٽ: منصور جلالاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.