مادر وطن جي دفاع جي لاءِ ڪنهن به خطري جي خلاف هر وقت تيار آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته مادر وطن جي دفاع جي لاءِ ڪنهن به خطري جي خلاف هر وقت تيار آهيون.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه عيد جي ڏينهن پاڪ افغان بارڊر تي پهتو جتي هن فارميشن جي آپريشنل تياري ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي بندوبستن کي ساراهيو. آرمي چيف پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار هڻڻ واري عمل جي تعريف به ڪئي. هن سرحدن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جوانن جا بلند حوصلا ۽ مادر وطن جي دفاع جي عزم کي ساراهيندي چيو ته مادر وطن جي دفاع جي لاءِ ڪنهن به خطري جي خلاف هر وقت تيار آهيون.

آرمي چيف فارميشن جي سماجي، اقتصادي جاري منصوبن ۾ سول انتظاميا سان سهڪار جي تعريف به ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.