مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي طور مقرري سنڌ حڪومت جو اختيار آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ شريف(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري سنڌ حڪومت جو اختيار آهي.

سيوهڻ ۾ پنهنجي گهر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته عيد کان پوءِ وزير اعظم سنڌ اچي، وزير اعظم بڻجڻ کان پوءِ هن سنڌ ۾ اڄ تائين هڪ رات ناهي گذاري،م سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو حق آهي، مون کي خبر ناهي ته عمران خان سنڌ ۾ ڪنهن سان اتحاد ٿو ڪري، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ڪيترائي اتحاد آيا ۽ ڪيترائي ويا پر سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي. الله تعاليٰ جو فيصلو هميشه پيپلز پارٽي جي حق ۾ هوندو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري سنڌ حڪومت جو اختيار آهي، سنڌ جي گورنر سميت پي ٽي آءِ کي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري تي اعتراض جو حق ناهي. اِهو منهنجو حق ناهي ته اعتراض ڪيان ته فلاڻو شخص خيبرپختونخواهه ۾ ڇو وزير آهي، پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته جنهن کي جنهن جو اختيار آهي اُهو استعمال ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.