پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 2579 نوان مريض به آڏو آيا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلڪان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 41186 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2579 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.26 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22888 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 96 هزار 451 تائين پهچي چڪو آهي.

ان کان سواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 939 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان شفاياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 22 هزار 34 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾فعال ڪيسن جو انگ 51529 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.